إِنَّ اللَّهَ اصْطَفَىٰ آدَمَ وَنُوحًا وَآلَ إِبْرَاهِيمَ وَآلَ عِمْرَانَ عَلَى الْعَالَمِينَ ( 33 )
بيشڪ الله آدم ۽ نُوح ۽ ابراھيم جي اولاد ۽ عِمران جي اولاد کي جھانن (وارن) تي سدورو ڪيو آھي.
ذُرِّيَّةً بَعْضُهَا مِن بَعْضٍ ۗ وَاللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ ( 34 )
جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو نسل آھن، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
إِذْ قَالَتِ امْرَأَتُ عِمْرَانَ رَبِّ إِنِّي نَذَرْتُ لَكَ مَا فِي بَطْنِي مُحَرَّرًا فَتَقَبَّلْ مِنِّي ۖ إِنَّكَ أَنتَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ ( 35 )
جڏھن عِمران جي زال چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار جيڪي مُنھنجي پيٽ ۾ آھي سو تولاءِ آجو ڪيل نذر ڪيم تنھنڪري مون کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.
فَلَمَّا وَضَعَتْهَا قَالَتْ رَبِّ إِنِّي وَضَعْتُهَا أُنثَىٰ وَاللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا وَضَعَتْ وَلَيْسَ الذَّكَرُ كَالْأُنثَىٰ ۖ وَإِنِّي سَمَّيْتُهَا مَرْيَمَ وَإِنِّي أُعِيذُهَا بِكَ وَذُرِّيَّتَهَا مِنَ الشَّيْطَانِ الرَّجِيمِ ( 36 )
پوءِ جنھن مھل اُن کي ڄڻيائين تڏھن چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون ڌيءُ ڄڻي، ۽ جيڪي اُن (بي بيءَ) ڄڻيو تنھن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، ۽ (چيائين ته) پُٽ ڌيءُ جھڙو نه آھي، ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ آءٌ اُن کي ۽ سندس نسل کي تڙيل شيطان (جي شر) کان تنھنجي پناھ ۾ سونپيان ٿي.
فَتَقَبَّلَهَا رَبُّهَا بِقَبُولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَهَا نَبَاتًا حَسَنًا وَكَفَّلَهَا زَكَرِيَّا ۖ كُلَّمَا دَخَلَ عَلَيْهَا زَكَرِيَّا الْمِحْرَابَ وَجَدَ عِندَهَا رِزْقًا ۖ قَالَ يَا مَرْيَمُ أَنَّىٰ لَكِ هَٰذَا ۖ قَالَتْ هُوَ مِنْ عِندِ اللَّهِ ۖ إِنَّ اللَّهَ يَرْزُقُ مَن يَشَاءُ بِغَيْرِ حِسَابٍ ( 37 )
پوءِ اُن کي سندس پالڻھار چڱي قبولڻ سان قبوليو ۽ اُن کي چڱي پالڻ طرح پاليائين ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيائين، جڏھن ڪڏھن زڪريا مٿس حُجري ۾ لنگھندو ھو ته وٽس طعام (رکيل) لھندو ھو، (ھڪ وقت) چيائين ته اي مريم ھيءُ ڪٿان تولاءِ (آيو) آھي چيائين ته اِھو الله وٽان (آيو) آھي، چوته الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.